خانائي، حامد علي قريشي

خانائي، حامد علي قريشي

خانائي حامد علي قريشي

خانائي، حامد علي قريشي: سنڌ جي برک اديب، نقاد، عالم ۽ تاريخدان قريشي حامد علي خانائيءَ جو جنم ساهتي پرڳڻي جي شهر خانواهڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهـري فيــروز ۾، 6 جنوري 1934ع تي حڪيم قاضي محمد يعقوب ‘صابر‘ قريشيءَ جي گهر ۾ ٿيو. ڊاڪٽر خانائيءَ جو والد ۽ ڏاڏو بزرگوار پڻ پنهنجي دور جون وڏيون علمي شخصيتون رهيا آهن. سندس خاندان جي بزرگن جو خانواهڻ شهر ۾ مڪتب ۽ مدرسو به هو.حامد علي قرآن مجيد، نور نامي، سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي ڏاڏي قاضي ميان امام بخش قريشيءَ جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ جو امتحان لوڪل بورڊ (هاڻي ايڇ. ايم. خواجا) هاءِ اسڪول نوابشاهه مان 1954ع ۾ پاس ڪيائين. تـعـلـيـمـي گـهـراڻـي سـان واسـطـو هـئـڻ ڪري ملازمت جو آغاز به تعليم کاتي ۾، ايڇ. ايم. خواجا هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ هڪ استاد جي حـيـثـيـت سـان شـروع ڪـيائين. سندس علم ۽ قلم سان ناتو ابتدا کان رهـيـو. لـکـڻ پـڙهـڻ سـنـدس مـحبوب مشغلو هو. ابتدا ۾ ڪجهه افسانا لـکـيـائـيـن ۽ ‘خـادم‘ تـخـلـص سـان شـاعري به ڪيائين، پر ڊاڪٽر عمر بـن مـحـمـد دائود پـوٽي ۽ رحيمداد مولائي شيدائيءَ جي صلاح سان هن جـي قـلم تاريخ ۽ تحقيق ڏانهن موڙ کاڌو، تاريخ ۽ تحقيق جي ميدان ۾ شاهڪار تحقيقي مضمون ۽ مقالا لکيائين. اڳتي هلي 1965ع ۾ سنڌ يـونـيـورسـٽــيءَ مــان ســنــڌي ادب ۾ ايــم. اي ڪــيـائـيــن. 1966ع ۾ ڪنڌڪوٽ خانگي ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتي مشهور اديب قمر شهباز پرنسپال هو. سال 1975ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاهه ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ ۾ ’ساهتي پرڳڻي جا قديم علمي مرڪز‘ عنوان سان تحقيقي مقالو لکي، 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. علم ادب جي ميدان ۾ خانائي صاحب تي قاضي محمد يعقوب ’صابر‘ ايڇ. ايم. خواجا، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، رحيمداد خان مولائي شيدائي، پير حسام الدين راشدي، غلام محمد گرامي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو گهڻو اثر رهيو. ڊاڪٽر خانائيءَ ٻه شاديون ڪيون، کيس ڇهه پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. خانائي صاحب 1955ع کان ادب، سوانح حيات، تاريخ ۽ آثار قديمه تي تحقيقي مضون، مقالا لکندو رهيو. ساڳيءَ طرح نوابشاهه ضلعي جي قديم ماڳن، مڪانن، نصرپور ۽ روهڙيءَ جي تاريخ ۽ آثارن بابت به وڏي تحقيق ڪيائين. سندس مضمون ۽ مقالا سنڌ جي مشهور رسالن: ’نئين زندگي‘، ’ٽماهي مهراڻ‘، ’الرحيم‘، ’اخبار تعليم‘، ’سنڌ‘ ۽ ’السنڌ‘ ۾ شايع ٿيندا رهيا. خـانـائـي صـاحـب جـي ڇـپيـل ڪـتابـن جـو وچـور هـن ريــت آهـــي: (1) نوابشاهه ضلعو- تاريخي شهر ۽ شخصيتون (1987ع)، (2) تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي (1998ع)، (3) پوراني سادات سکر'>تذڪره پوراني سادات سکر (2001ع)، (4) الزليخا (پير حسام الدين راشديءَ جو ناوليٽ ۽ ان بابت تحقيق: 2003ع)، (5) ايڇ. ايم خواجا- هڪ مثالي استاد (2003ع)، (6) مقالات خانائي (شخصيات: 2006ع)، وکريل وَٿون (عطا حسين شاهه موسويءَ جا مضمون: ترتيب: 2011). سندس هيٺيان ڪتاب قلمي صورت ۾ موجود آهن: (1) ساهتي پرڳڻي جا قديم علمي مرڪز (پي. ايڇ. ڊي ٿيسز)، (2) ظهورنامه مـوئـي مـبارڪ، (3) سنڌ جو دارالمصنفيـن (سنڌ مسلـم ادبـي سـوسـائٽـي)، (4) تــاريـخ نـصـرپـور، (5) ســنـڌ جـا خـوشـنـويـس، (6) بکـر جـا مـغل گورنر، (7) تذڪره شعراء روهڙي، (8) مرڪ، ٽهڪ ۽ لڙڪ (آتم ڪهاڻي)، (9) مقالات خانائي (9 جلدَ). ڊاڪٽر خانائي ڪيترن شاگردن جي ادبي رهنمائي ڪري کين ايم. اي، ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي جي سلسلي ۾ مدد ڪئي. کين مواد جا نوٽس ۽ خاڪا تيار ڪري ڏيڻ سان گڏ، سندن مواد تي نظرثاني به ڪري ڏيندو رهيو. ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر، ڊاڪٽر غلام حيدر ٻرڙي (حيدر سنڌي)، ڊاڪٽر سيد اشفاق احمد بخاري، ڊاڪٽر عبدالرؤف ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهري، ڊاڪٽر محمد خان جمالي، ڊاڪٽر غلام قادر سومري، ڊاڪٽر عبدالرزاق سومري ۽ ڊاڪٽر عبدالرسول قادريءَ ٻين جي پي. ايڇ. ڊي مقالن جو رهبر (Guide) رهيو. ڊاڪٽر خانائيءَ جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترن ادارن کيس ايوارڊ ڏنا آهن، جهڙوڪ: ڀنڀور سيمينار ايوارڊ (1983ع)، سگا سنڌ طرفان ’پير حسام الدين راشدي اوارڊ‘ (1986ع)، ’علامه آءِ. آءِ قاضي اوارڊ‘، ’حمل فقير ادبي اوارڊ‘ (1997ع)، نئين زندگي گولڊن جوبلي سيمينار جي موقعي تي ’مولانا عبدالواحد سنڌي يادگار شيلڊ‘ (1999ع) ۽ ’پير آغا غلام مجدد متعلوي سرهندي اوارڊ‘ (2009ع). ڊاڪٽر خانائي گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه مان 6 جنوري 1994ع تي اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ مهراڻ ڪالوني نوابشاهه ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. هو سادگي پسند، نهٺو، هڏ ڏوکي، اديبن ۽ شاعرن جي دلي طرح رهنمائي ڪندڙ استاد، حساس طبع، شهرت کان دور، مطالعي جو ڪوڏيو، اهل قلم علمي ادبي شخصيت هئڻ سميت تاريخ ساز ماڻهو هو. 2007ع ۾ حرمين شريفين ويو. وفات کان اڳ 2008ع ۾ سندس وڏو پٽ ڊاڪٽر ممتاز علي قريشي ڦوهه جوانيءَ ۾ اوچتو گذاري ويو. حامد علي خانائي ڇاهتر سالن جي ڄمار ۾ تاريخ 28 ربيع الاول 1431هه بمطابق 15 مارچ 2010ع تي خانائي هائوس نوابشاهه ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي ڳوٺ خانواهڻ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.01.06  عيسوي

سنڌ جي برک اديب، نقاد، عالم ۽ تاريخدان قريشي حامد علي خانائيءَ جو جنم ساهتي پرڳڻي جي شهر خانواهڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهـري فيــروز ۾، 6 جنوري 1934ع تي حڪيم قاضي محمد يعقوب ‘صابر‘ قريشيءَ جي گهر ۾ ٿيو.


1994.01.06  عيسوي

ڊاڪٽر حامد علي خانائي گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه مان 6 جنوري 1994ع تي اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ مهراڻ ڪالوني نوابشاهه ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي.


2010.03.15  عيسوي

حامد علي خانائي ڇاهتر سالن جي ڄمار ۾ تاريخ 28 ربيع الاول 1431هه بمطابق 15 مارچ 2010ع تي خانائي هائوس نوابشاهه ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي ڳوٺ خانواهڻ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي اظهار
غلام مصطفيٰ ڀنڀرو
اندرا واسواڻي
شاهد احمد دهلوي
حميد ابڙو
چيتن ماڙيوالا
ستار بلوچ
امر لعل هنڱوراڻي
حاجي محمود ’خادم‘
ڪمال ڄامڙو ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون